تذڪره زبدة المعاصرين

تذڪره زبدة المعاصرين: هي تذڪرو علامه سيد حسين ’الحسيني‘ جو لکيل آهي. سيد حسين الحسيني 1184هه /1770ع تي ڪربلا معليٰ ۾ ڄائو ۽ شيراز شهر ۾ سن 1249هه/1833ع ۾ وفات ڪيائين. هن جي تعليم ۽ تربيت شيراز ۾ ٿي، جتي هن جو والد شريعت مدار ۽ مجتهد هو، بعد ۾ سيد حسين به اهوئي عهدو ماڻيو. سيد حسين الحسيني ٽالپورن جي سخن پروريءَ جو ٻڌي سال 1240هه/1824ع جي شروع ۾ شيراز کان سنڌ لاءِ نڪتو. هي ڪراچي بندر کان ٿيندو سنڌ جي دارالحڪومت ’حيدرآباد‘ پهتو. ان وقت پهرين چؤياريءَ جا پويان ٻه حاڪم (مير ڪرم علي خان ٽالپر ۽ مير مراد علي خان ٽالپر) سنڌ جا حاڪم هئا. جڏهن سيد حسين سنڌ جي درٻار ۾ پهتو تڏهن درٻار سان وابسته ٿي ويو، سنڌ ۾ چند ڏينهن رهڻ کان پوءِ پاڻ ايران واپس هليو ويو. 1240هه/1824ع جي آخر ۾ شيراز شهر ۾سيد حسين کي خبر پئي ته ڪي بزرگ شيراز کان سنڌ ڏي وڃڻا آهن، ان ڪري سيد الحسين مختلف شاعرن جي ڪلام کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڏئي، ان قلمي صورت واري وڪلام کي مير ڪرم علي خان لاءِ تحفو ڪري موڪليو، ڇو ته جڏهن سيد حسين الحسيني سنڌ ۾ آيو هو، تڏهن مير ڪرم علي خان ٽالپر هن جو وڏو قدر ڪيو ۽ مٿس وڏيون ڪرم نوازيون ڪيون هيون. هي ڪتاب ’تذڪره زبدة المعاصرين‘ جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ هي تذڪرو 1240هه/1824ع ۾ تيار ٿيو. سيد حسين الحسيني ’زبدة المعاصرين‘ ۾ شاعرن جو احوال ناهي ڏنو، صرف شاعرن جو نالو ڏيئي ان جي شعري انتخاب تي اڪتفا ڪيو اٿس. سيد صاحب حروف تهجي موجب ڪل هڪ سئو ڇهه شاعرن جو تذڪرو ڪيو آهي، جن ۾ اڻانوي ايراني شاعرن، ڏهه ايراني شاعرائن ۽ ست سنڌ جي شاعرن جو ڪلام موجود آهي. سنڌ جي شاعرن ۾ ميرزا آزاد، منشي صاحبراءِ آزاد، ميرزا زين العابدين، سيد صابر علي، سيد عظيم الدين، مير ڪرم علي خان ٽالپر ۽ نواب ولي محمد خان لغاري موجود آهن. زبدة المعاصرين بابت اها به روايت آهي ته سيد حسين هي تذڪرو حيدرآباد جي قلعي ۾ ويهي مير ڪرم علي خان لاءِ تيار ڪيو، هي ناياب تذڪرو ڊاڪٽر محمد باقر 1966ع ۾ ايڊٽ ڪري، اورينٽل ڪاليج ميگزين لاهور جي مدد سان، مختصر اردو مقدمي سان شايع ڪرايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو